دريا شيخ جي درگاهه

دريا شيخ جي درگاهه: هيءَ درگاهه ديهه ٽهڻي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ قاسم شاهه قبي جي اوڀر- ڏکڻ ۾، ٽهڻي ڳوٺ لڳ ۽ شاهه حسڻ ڳوٺ کان 14 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي 52" 26° 22' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 67° 39' 37" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. دريا شيخ جو مقبرو 5.10x5.10 ميٽرن جو، اوچائيءَ ۾ 6 ميٽر آهي، جنهن جو مک لنگهه اوڀر ۾ آهي. ان جي مهاڙيءَ ۾ ٻيڙ ٻني تي چار برجيون نيل سان ۽ گنبذ ٺهيل آهن. گنبذ تي نيل آهي، اندر پانيل آهي، پر جوڙ- ڪنڊون ٺهيل نه آهن. مقبرو سادو روغن ٿيل آهي. گنبذ ڪماني پانيلن تي رکيل آهي. مقبري اندر هڪ ئي قبر بزرگ دريا شيخ جي آهي، جنهن تي ڪو به ڪتبو وغيره ڪو نه آهي. هي ڪلهوڙا دور جي اڏاوت جو نمونو آهي. هتي هر سال ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو